چونڊن ۾ حصو وٺڻ بنيادي حق آهي، ڪنهن شخص کي چونڊن جي بنيادي حق کان محروم ڪرڻ سزا ڏيڻ هوندو: سپريم ڪورٽ

0
62
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز جي لکيل خط جي اوپن ڪورٽ جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز جي لکيل خط جي اوپن ڪورٽ جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته اليڪشن وڙهڻ بنيادي حق آهي، ڪنهن شخص کي اليڪشن جي بنيادي حق کان محروم  ڪري سزا ڏني پئي وڃي

 سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اميدوار جا ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏيندي چيو ته چونڊن ۾ حصو وٺڻ  بنيادي حق آهي، ڪنهن شخص کي چونڊن  جي بنيادي حق کان محروم  ڪري سزا ڏئي رهيا آهيون

 جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس اطهر من الله تي ٻڌل 3 رڪني بئنچ پي ٽِي آءِ اڳواڻ عمر اسلم  جا نامزدگي ڪاغذ رد  ٿيڻ خلاف  اپيل تي ٻڌڻي هلائي

 عمر اسلم  جو وڪيل بئرسٽر علي ظفر ۽ اليڪشن ڪميشن اختياريون عدالت ۾ پيش، جسٽس منصور سوال ڪيو ته عمر اسلم جا نامزدگي ڪاغذ ڇو رد ڪيا ويا؟ ڇا عمر اسلم اشتهاري آهي؟

علي ظفر  عدالت کي ٻڌايو ته عمر اسلم ضمانت تي آهي، اليڪشن وڙهڻ بابت سندس  هڪ آئيني درخواست رد ۽ ٻي منظور ٿي، جسٽس منصور علي شاهه سوال  ڪيو ته مفرور يا اشتهاري کي اليڪشن وڙهڻ کان ڪهڙو قانون روڪي ٿو؟

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته مفرور يا اشتهاري قانون جي ڀڃڪڙي جو مرتڪب ٿئي ٿو، ان ڪري چونڊون نه ٿو وڙهي سگهي

 جسٽس منصور شاهه ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪنهن کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان ڪيئن روڪي سگهجي ٿو؟ چونڊيل نمائندن لاءِ عوام کي فيصلو ڪرڻ ڏيو

 جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اهو فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪندي ته ڪير اشتهاري آهي ڪير نه؟ جسٽس اطهر من الله چيو ته اليڪشن ڪميشن عوام آڏو جوابده آهي يا اميدوارن آڏو؟

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته بيلٽ پيپرز ڇپجڻ شروع ٿي ويا آهن، هاڻي تبديلي ممڪن نه هوندي،

جسٽس اطهر من الله چيو ته بيلٽ پيپر ڇپجڻ شروع ٿي ويا آهن ته ڇا اميدوارن کي بنيادي حق کان محروم ڪري ڇڏيون؟

سپريم ڪورٽ عمر اسلم جي درخواست منظور ڪندي کيس اليڪشن وڙهڻ  جي اجازت ڏئي ڇڏي

هي به پڙهندا

سپريم ڪورٽ چوڌري پرويز الاهي کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي