سڪرنڊ: جهيڙي جي هڪ زخمي دم ڏئي ڇڏيو، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

0
52
سڪرنڊ: جهيڙي جي هڪ زخمي دم ڏئي ڇڏيو، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو
سڪرنڊ: جهيڙي جي هڪ زخمي دم ڏئي ڇڏيو، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

سڪرنڊ (رپورٽر) سڪرنڊ ويجهو جهيڙي جي هڪ زخمي دم ڏئي ڇڏيو، وارثن  طرفان لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو

سڪرنڊ ويجهو 2 ڏينهن اڳ جهيڙي دوران زخمي ٿيلن مان هڪ ڄڻي دم ڏئي ڇڏيو، وارثن لاش رکي ڌرڻو هنيو

زخمين مان رسول بخش چانڊيو دم ڏئي ڇڏيو، 4 ڄڻن جو نوابشاهه اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي

مقتول جي وارثن سڪرنڊ ٿاڻي آڏو لاش رکي احتجاج ڪرڻ بعد قومي شاهراهه تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي

مظاهرين جو چوڻ هو ته يوسي ماروي جي چيئرمين اعجازعرف گڊو جلباڻي ۽ ٻين ڳوٺ تي حملو ڪري 5 ڄڻن کي زخمي ڪيو هو

هنن چيو ته زخمين مان هڪ ڄڻي دم ڏئي ڇڏيو، پوليس  اعجاز عرف گڊو جلباڻي، شعبان جلباڻي ۽  ٻين کي گرفتار نٿي ڪري، پلاٽ جي مالڪي تان ڳوٺ لڌو چانڊيو  ۾ جلباڻي ۽ چانڊيا ڌرين ۾جهيڙي  دوران چانڊيا ڌر جا 5 ڄڻا زخمي ٿيا هئا