تلهار (رپورٽ: صديق ٿيٻو) تلهار ويجهو مين حيدرآباد بدين هائي وي تي بقادار شاھ بس  اسٽاپ وٽ تيز رفتار پيجيرو جو سامهون کان ايندڙ ٻن موٽر  موٽر سائيڪلن سان زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ بدين شهر واسي موٽر سائيڪل سوار  نعمان عزيز ملاح، عبدالواحد ملاح ۽ معشوق جوڻيجو موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏھن ته شديد زخمي ٿيل نوجوان شھزاد قمبراڻي بدين اسپتال اندر زخمن جا سور ن سهندي فوت ٿي ويو،جڏهن ته پجيرو ۾ سوار ٽنڊو الهيار واسي پڻ سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد روانو ڪيو ويو، جڏھن ته پجيرو گاڏي حاجي شير محمد کوکر جي ٻڌائي پئي وڃي. اکين ڏٺن شاهدن موجب گاڏي  بدين وڃي رهي هئي ته سامهون کان ايندڙ موٽر سائڪلن سان ڪراسنگ دوران ٽڪرائجي ويئي، جنهن سبب افسوس ناڪ حادثو پيش آيو، سي پيڪ پروگرام تحت نئون ٺھيل روڊ جيڪو بدين تائين ڊبل ٿيڻو هو صرف ٽنڊو محمد خان تائين ئي تعمير ٿي سگهيو، سنگل روڊ ۽ تمام گهڻي ٽريفڪ سبب آئي ڏينهن اھڙا حادثا پيش ايندا رهندا آهن.