ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي علائقي چمن ۾ جي يو آءِ نظرياتي گروپ جَي امير عبدالقادر لوني جِي گاڏيءَ ڀرسان بم ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾6 ڄڻا مارجي ويا، مولانا عبدالقادر لُونـِي سوڌو 12 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيا ويا، اسپتال ۾ ڊاڪٽرز طرفان عبدالقادر لوني جي حالت ڳڻتي جوڳي قرار ڏني وئي آھي، ڌماڪي کانپوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، پوليس موجب مرغي بازار وٽ جي يو آءِ نظرياتي گروپ جي صوبائي امير عبدالقادر لوني جي گاڏي وٽ ڌماڪو ٿيو، بلوچستان حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواني چيو آهي ته ڌماڪو پلانٽيڊ بم ذريعي ڪيو ويو، جي يو آءِ نظرياتي پاران فلسطينين سان يڪجهتي لاءِ ريلي ڪڍي پئي وئي جنهن ويجهو ڌماڪو ٿيو. 10 زخمين کي ڊسٽرڪٽ اسپتال چمن ۽ ٻين کي ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن وزيراعليٰ بلوچستان ڄام ڪمال خان ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته دهشتگرد عنصر ڪنهن رعايت جا مستحق ناهن انهن کي پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، امن امان خراب ٿيڻ نه ڏينداسين.