اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسرائيلي جارحيت خلاف قومي اسيمبلي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر هڪ آواز، قومي اسيمبلي ۾ منظور ٿيل ٺهراءُ گڏيل قومن جي آفيس ۾ پيش ڪيو ويو، ڪالهه قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو فلسطين معاملي تي قومي اسيمبلي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر گڏ نظر آيون،گذريل ڏينهن ايوان ۾ فلسطين تي ظلمن جي حوالي سان ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، جنهن تي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف تجويز ڏني ته ان ٺهراءُ کي گڏيل قومن جي آفيس ۾ وڃي پيش ڪرڻ گهرجي. اهڙي اعلان جي پ پ حمايت ڪئي، حڪومت به ان آڇ کي قبول ڪيو. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ چيف وهپ عامر ڊوگر چيو ته سڄو ايوان فلسطين جي معاملي تي هڪ پيج تي آهي، سمورين پارٽين ۽ ميمبر جو ٿورائتو آهيان. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو ته پاڪستان جو موقف گڏيل طور وڃڻ سان سٺو پيغام ويندو. مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو ته قومي اسيمبلي اجلاس مان اسرائيلي بربريت خلاف ٺهراءُ گڏيل هو، قومي اسيمبلي مان منظور ٺهراءُ يو اين آفيس ۾ وڃي پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، حڪومت طرفان جيڪو به اسان سان هلڻ چاهي گڏ هلي، حڪومتي ميمبر به اسان سان گڏ آهن ته اِها فلسطين ڪاز جي وڏي خدمت هوندي. بعد ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف اسرائيلي جارحيت جي خلاف قومي اسيمبلي جو ٺهراءُ گڏيل قومن جي پاڪستان ۾ آفيس ۾ پيش ڪري ڇڏيو، فلسطين تي قومي اسيمبلي طرفان منظور ڪيل گڏيل ٺهراءُ پاڪستان ۾ نمائندي جولئين هارنيس جي حوالي ڪيو ويو، ٺهراءُ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيريس ۽ جنرل اسيمبلي جي صدر ولڪن بوز ڪري جي نالي لکيو ويو آهي، جنهن ۾ فلسطين جي خلاف اسرائيل جي وحشياڻي حملي، قتل عام ۽ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون روڪڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي شهباز شريف جو چوڻ هو ته ڏهاڪن کان فلسطين ۽ ڪشمير ۾ ظلم ٿي رهيو آهي، اسرائيل جي بمباري سان فلسطين جون ڪيتريون ئي عمارتون تباهه ٿيون ۽ فلسطينين کي وڏي انگ ۾ شهيد ڪيو ويو، مسجد الاقصيٰ ۾ بربريت ڪئي وئي، اهڙا ڏکوئيندڙ منظر اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺا، اسرائيلي وزير اعظم جو رويو فاشسٽ آهي جنهن جي سخت مذمت ڪريون ٿا.