چمبڙ: ڳوٺاڻن جو ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار

0
180

چمبڙ: يوسي راوت لغاري جي ڳوٺ محمد رحيم گپچاڻي جي ڳوٺاڻن، ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته جيستائين اسان جي ڳوٺ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سهولت نه ڏني ويندي، تيستائين پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين۔ هنن چيو ته پوليو ٽيم کي اسان ٽي دفعا واپس موٽائي ڇڏيو آھي، گذريل پوليو مهم ۾ به اسان ٻارڙن کي ڦڙا نه پيئاريا هئا. اسان جي جر جو پاڻي کارو آھي ڪيترائي ڳوٺاڻا ڪاري سائي ۾ مبتلا ٿي ويا آھن.