ھنڱورجا ۾ 4ڏينهن اڳ شهرين پاران پڪڙيل چور لاڪپ ٽوڙي فرار

0
264

ھنڱورجا (رپورٽر) هنڱورجا ۾ چار ڏينھن اڳ ڪارگو رڪشا چوري ڪرڻ جي ڪوشش دوران شھرين پاران پڪڙيل ڦورو لاڪ اپ مان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جوابدار سعيد ڪمبوھيو ھنڱورجا ٿاڻي تان آساني سان فرار ٿي ويو، جوابدار جي فرار ٿيڻ بعد پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو، جڏهن ته مختلف ھنڌن تي چاپا پڻ هنيا ويا پر جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو.