قمبر؛ ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل نوجوان هٿ

0
247
ٽنڊو آدم ۽ ميهڙ ۾ مبينا پوليس

قمبر: قمبر جي سٽي ٿاڻي تي عدالت جو ڇاپو، ناحق باندي بڻيل اصغر رنگ بازياب، ايس ايڇ او کي سڀاڻي رڪارڊ سميت عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ قمبر جي سٽي ٿاڻي تي باندي بڻايل جي ڀاءُ محمد اسماعيل رنگ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج زاھد حسين ميتلو جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته سٽي ٿاڻي جي پوليس بيگناھ منهنجي ڀاءُ اصغر کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي اھڙي درخواست تي سيشن جج جوڊيشل مئجسٽريٽ 2 کي ريڊ ڪمشنر مقرر ڪيو جنهن ٿاڻي تي اوچتو ڇاپو ھڻي باندي بڻايل اصغر رنگ کي بازياب ڪرائي ايس ايڇ او کي سڀاڻي رڪارڊ سميت عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.