چمبڙ (ن پ ا ) چمبڙ واسيءَ پاران زال کان کسيل 4 ٻارڙا اڍائي مهينن بعد هٿ اچي ويا آهن، ان ڏس ۾ ڪوٽڙي واسي ھريو ڪولھي اڍائي مھينا اڳ پنهنجي زال سان ناراض ٿي رات جي وقت پنھنجا چار معصوم ٻارڙا کڻي گھران نڪري ويو اڍائي مھينن بعد ٻارڙن کي کڻي ويندڙ جي گھر واري ڪرمان ڪولھي کي گجھو اطلاع مليو ته سندن 4 ئي ٻارڙا مگسي فارم تي ويٺل ڪولھي برادري جي ھڪ گھر ۾ موجود آھن ٻارڙن جي ماءُ ڪرمان ڪولھي انھئ واقعي بابت سيشن ڪورٽ ٽنڊوالھيار کي درخواست ڏني جمھن بعد ڪورٽ جي حڪم تحت چمبڙ پوليس ويجھو مگسي فارم تي ويٺل ڪولھي برادري جي گھرن ۾ ڇاپو ھڻي ھريو ڪولھي جي گھر مان 3 ورھين جي روينا، 7 ورھين جي سيتا، 8 ورھين جو ھرسڻ، 4 ورھين جو شام کي بازياب ڪري چمبڙ ٿاڻي تي آندو جن کي اڄ ٽنڊوالھيار جي سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.