مورو (ن پ ا) مورو شھر جي مين روڊ ديهه دل چنڊ ۾ قبضي ھيٺ آيل جڳهه جي معاملي تي سيد شاھنواز شاھ ايڊووڪيٽ سيد مقصود علي شاهه جي معرفت سينئر سول جج جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آھي ته منھنجي سروي نمبر 93 ۾ 3570 فوٽ تي ٺھيل جڳهه آھي جنھن ۾ سامان پيل آھي جنھن تي بااثر سيد قربان شاهه قبضا مافيا سان گڏ قبضو ڪري ڇڏيو آھي جنھن تي عدالت سڳوري مختيارڪار مورو غلام شبير سھتو کي آرڊر ڏنو ته قبضو خالي ڪرايو وڃي، جنھن تي مختيارڪار مورو غلام شبير سھتو ايس ايچ او مورو، ڳوٺ آباد اسڪيم جي عملدارن ۽ پوليس سان گڏ قبضي واري ھنڌ پھچي جڳهه تي ڪيل قبضو ختم ڪرايو ۽ جڳهه اصل مالڪ سيد شاھنواز شاهه جي حوالي ڪرائي.