سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم ڊي آءِ جي ذوالفقار لاڙڪ جي اڳواڻي ۾ سکر پهتي، مليل ڄاڻ موجب ٽيم سکر سينٽرل جيل اندر پهچي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن رضا شاھ، جميل شاھ، اڪبر مڱريو، غلام مصطفي ميراڻي ۽ جانب ميراڻي جا بيان قلمبند ڪيا، جي آءِ ٽي صالح پٽ پهچي، اجي لالواڻي جي قتل واري هنڌ جو معائنو ڪيو ۽ قتل وقت سيلون تي موجود حجامڪو ڪم ڪندڙ شخص جو بيان قلمبند ڪيو، ان موقعي تي جي آئي ٽي شهيد صحافي اجي لالواڻي جي والد دليپ ڪمار سان ملاقات ڪئي، حاصل ڪيل ڄاڻ موجب دليپ ڪمار جي آئي ٽي آڏو دانهيندي چيو ته قاتلن جا وارث اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ڪيس جي شاهدن نٿو لال ۽ نريش ڪمار کي پڻ بيان ڦيرائڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، اهڙي دانهن ڊي ايس پي روهڙي حضور بخش سولنگي کي ڏني، جنهن گهر ٻاهران پوليس پڪٽ قائم ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ وارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو جو واعدو ڪيو پر ان تي عمل نٿو ڪري، ان موقعي تي ڊي آءِ جي ذوالفقار لاڙڪ ڊي ايس پي روهڙي کي ڇنڊ پٽي ۽ فوري طور تي مقتول صحافي جي گهر ٻاهران پوليس اهلڪار مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ان موقعي تي ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ ڊي ايس پي روهڙي کي هدايت ڪئي ته دليپ ڪمار جي مرضي وارا اهلڪار مقرر ڪيا وڃن.