ڄامشورو: سي آءِ اي پوليس ڄامشري پاران چرس سمگل واري وڏي اسڪينڊل ۾ ملوث سي آءِ اي جا مک جوابدار گرفتار ٿي نه سگهيا، سي آءِ اي پوليس ڄامشوري جو ڪرتا ڌرتا بڻيل سرور راهپوٽو ۽ هيڊ محرر اصغر پنهور تي ٽي الڳ الڳ ڪيس داخل هجڻ باوجود به هو گرفتار ٿي نه سگهيا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي با اثر عملدار پوليس جي سرپرستي ۾ هن وقت به منشيات فروشن سان رابطي ۾ رهي منشيات اسمگلنگ ڪرائي رهيا آهن، اهو به چيو پيو وڃي ته ٻئي جوابدار پاڻ تان ڪيس ختم ڪرائڻ لا پڻ سرگرم ٿي ويا آهن.