حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي مان برطرف ٿيل ڪچن ملازمن پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي ظفر احمد، فاروق احمد، اشرف ڪنڀار، عارف علي، نصرالله ۽ ٻين چيو ته 2014ع کان 2021ع تائين سنڌ ايگريڪلچر گروٿ پروجڪيٽ شروع ڪري کين نوڪريون ڏنيون ويون. هاڻي اهو پروجڪيٽ بند ڪري کين بنا نوٽيس ڏيڻ جي نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته انهن 7 سال اداري ۾ نوڪري ڪئي. هاڻي سندن عمر وڌڻ سبب ٻئي ڪنهن کاتي نوڪري نه ملي سگهندي جنهن ڪري هو معاشي بدحالي جي ورچڙهي ويندا. هنن چيو ته ڄاڻايل پروجڪيٽ هلڻ سبب حيدرآباد، سجاول، ٺٽو، ميرپورخاص سميت 10 ضلعن ۾ رهندڙ مالوند ماڻهن کي فائدو ٿي رهيو هو ڇاڪاڻ ته پروجڪيٽ شروع ٿيڻ بعد 10 ضلعن ۾ 400 کان وڌيڪ ملازم ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪري ضلعي يونٽ پڻ کوليا ويا هئا جيڪي هاڻي بند ٿيڻ کانپوءِ مالوند ماڻهن کي به سخت پريشاني سان گڏ نقصان برداشت ڪرڻو پوندو. هنن لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جي وزير کي اپيل ڪئي ته جنرل ايڪٽ تحت لائيو اسٽاڪ کاتي جي برطرف ڪانٽريڪٽي ملازمن کي مستقل ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هو ڪراچي پريس ڪلب سامهون ڌرڻو هڻندا.