حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ خانگي يونيورسٽي جي چانسلر پروفيسر حميدالله قاضي ۽ ٻين خلاف جعلي ڊگري وارو ڪيس داخل ٿيڻ تي ڊي آءِ جي پير محمد شاهه کي نوٽيس جاري ڪندي 22 آگسٽ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پروفيسر حميدالله قاضي ۽ ٻين وڪيل سجاد احمد چانڊيو معرفت پوليس پاران گهرن تي چڙهائي ۽ گرفتارين خلاف درخواست داخل ڪرائي ته 6 آگسٽ تي پوليس بنا وارنٽ ۽ ليڊي پوليس اهلڪارن جي چانسلر ڊاڪٽر حميدالله قاضي جي گهر تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪيو ۽ پروفيسر کي گرفتار ڪرڻ بعد هڪ ڏينهن لاءِ گم ڪر يڇڏيو. پوليس يونيورسٽي جي ايڪٽنگ وائيس چانسلر ڊاڪٽر احمد ولي الله قاضي ۽ روشن ڀٽي جي گهرن تي به ڇاپن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس امجد علي سهتو ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ڪئي. وڪيل آگاهي ڏني ته هٽڙي پوليس يونيورسٽي جي چانسلر ڊاڪٽر حميد الله قاضي، ايڪٽنگ وائيس چانسلر ڊاڪٽر احمد ولي الله قاضي ۽ ڊاڪٽر روشن ڀٽي خلاف پاڻمرادو يونيورسٽي جي ايم ڊي بڻيل زيد لغاري جي فرياد تي جعلي ڊگري جاري ڪرڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس يونيورسٽي تي قابض بڻيل وائيس چانسلر ڊاڪٽر نذير لغاري ۽ سندس پٽ زيد لغاري جي چرچ تي يونيورسٽي جي چانسلر ۽ ٻين خلاف انتقامي ڪارروايون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. پوليس کي گرفتارين کان روڪي جاچ جو حڪم ڏنو وڃي. عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ پوليس کي حڪم ڏنو ته درخواست گذارن کي گرفتار ڪرڻ کان پاسو ڪري جڏهن ته ايس ايڇ او هٽڙي، ڪيس جو جاچ آفيسر ۽ فريادي سميت لاڳاپيل عملدار ايندڙ ٻڌڻي تي رڪارڊ سميت عدالت ۾ پيش ٿين.