ڄام صاحب ( ن پ ا ) ڄام صاحب شھر ۾ پراڻن ۽ ناياب سنگيت گيتن جي ريڪارڊنگ گرامون فونو جو ساليانو پروگرام استاد غلام علي ڏاھري جي نگراني ۾ ٿي گذريو، پروگرام ۾ پوري ملڪ مان گرامون فونو جي شوقينن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. گرامو فونو تي پراڻا ناياب گيت وڄايا ويا، گرامو فونو جي سالاني رڪارڊن ۾ نواب شاھ مان آيل علي حسن جمالي سنڌي گيتن جي ڪيٽيگري ۾ پھرين سنڌي فلم ايڪتا جو گانو ( مون کي ننڍڙي ڀيڻ کپي ) سوشيلا مھتاڻي آواز ۾ ناياب ريڪارڊ وڄائي پھريون نمبر تي انعام  حاصل ڪيو ، ٻئي نمبر تي استاد افضل تنھا سنڌي فلم پرديسي جو ناياب ريڪارڊ استاد محمد ابراھيم جي آواز ۾ (سک جا سانگھيئڙا شال ملن ) وڄائي ٻئي نمبر جو داد حاصل ڪري محفل کي جھو مائي ڇڏيو، جڏھن ته اردو گيتن ۾ ڪوئٽا کان آيل مھمان ماسٽر منظورحسين رند منور سلطانه جي آواز ۾ فلم شراري جو گيت ( سڀ ڪي نگھبان) وڄائي پھريون نمبر حاصل ڪري واهه واهه ڪرائي انعام حاصل ڪيو. ٻئي نمبر تي استاد غلام علي ڏاھري فلم  ديوداس جو ناياب گيت طعلت محمود جي آواز ۾ (متوا لگي ري يي ڪيسي) وڄائي اردو ڪيٽيگري ۾ ٻيو نمبر حاصل ڪيو .