ڄام صاحب : گرامو فونو وڄائڻ جي سالياني مقابلي جي پروگرام ۾ آيل مھمانن سيد عبدالله شاهه، استاد غلام علي ڏاھري، فقيرحاجن علي وسطڙو، محمد افضل تنھا، محمد صالح زرداري،استاد محمد عالم وسطڙو، استاد منظور علي رند، نصرالله ڪرد ۽ٻين ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته گرامون فونو اسان جو بھترين ۽ پراڻو شوق آھي پراڻا گيت ٻڌڻ سان پاڻ ۾ محبت ۽ ڀائيچارو قائم ٿئي ٿو ۽ ھنن پراڻن گانن سان بھتر ڄاڻ ملي ٿي ۽ اھڙا پروگرام ڪوئٽا سميت ملڪ جي مختلف شھرن ۾ ٿين ٿا ۽ اسان به انھن پروگرامن ۾ پنھنجا پراڻن گيتن جا گرامون فونو کڻي وڃي شريڪ ٿيندا آھيون ۽ پنھنجي شوق جا پراڻا گيت وڄرائي دلي سڪون حاصل ڪندا آھيون ۽ گرامون فونو جي ھر پروگرام ۾ پراڻا ناياب گيت کڻي اچڻ واري کي انعام ڏنو ويندو آھي ۽ ھن وقت گرامون فونو جا سنگيت ٻڌڻ وارا ماڻھو گھٽ ملندا پر جنھن وٽ گرامون فونو موجود آھي اھي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي اھڙا پروگرام رچائين ٿا ۽ ھن ناياب گرامون فونو جي ثقافت کاتي سار ناھي لڌي ھي قديمي سنگيت ميوزڪ آھي.