ملير (رپورٽر) سنڌ انڊيجينئس رائٽس الائنس بحريا ٽائون 2 ، ملير ايڪسپريس وي ۽ ڌاٻيجي انڊسٽريل زون جي نالي  ۾ملير، ڄامشوري  ۽ ڌاٻيجي جي ڌرتي ڌڻين کي بيدخل ڪرڻ ۽ ڌارين جي آباد ڪاري تي ڳڻتي ظاهر ڪندي تحريڪ هلائڻ جو  اعلان ڪيو ويو، الائنس پاران  6 وڪيلن ڪاظم مهيسر، پروفيسر عبيرا اشفاق، عمران بلوچ، عبدالرشيد راڄڙ، حنيف دلمراد ۽ معراج سومرو تي مشتمل ليگل ڪاميٽي جوڙي وئي، ڪالهه هتي  ميمڻ ڳوٺ ۾  عبدالخالق جوڻيجو  جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انڊيجينئس رائٽس الائنس جي اليڪشن 21 جنوري تي ڪرائي ويندي، ان موقعي تي عبدالخالق جوڻيجو، سيد خدا ڏنو شاهه، حفيظ بلوچ ۽ ٻين چيو ته 2018ع  ۾ سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون کي غير قانوني قرار ڏئي 460 ارب رپين عيوض 16900 ايڪڙن تائين محدود ڪيو هو، هاڻ وري بحريا ٽائون 2 جي نالي سان هڪ وڌيڪ اسڪيم شروع ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته ٽنهي رٿائن سان ملير، ڄامشوري ۽ ٺٽي جا ڌرتي ڌڻي پنهنجن اجهن کان محروم ٿيندا، جنهن خلاف تحريڪ هلائي ويندي