ڄامشورو ( رپورٽر ) ڄامشورو شھر ۽ آسپاس جي علائقن چاوڙا ڳوٺ، سيدآباد، مدينا نگر، غريب آباد، سينڊوز روڊ سميت ٻين علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آھي ضلعي انتظاميا ۽ ٽائون انتظاميا جي نااھلي جي ڪري روز ڪو نه ڪو ماڻھو ڪتن جي ور چڙھي ڏاڙجي زخمي ٿي رھيو آھي، جڏهن ته انتظاميا پاران نالي ماتر ڪاروائي ڪري ڦوٽو سيشن ڪري ڪتا مار مھم جي مد ۾ ڪرپشن ڪري رھيا آھن، ھوڏانھن مختلف علائقن ۾ معصوم ٻارڙن، مردن ۽ عورتن سميت ڌاريل جانورن مينھن، ٻڪرين کي به رولو ڪتا ڏاڙھي زخمي ڪري رھيا آھن، ڄامشوري ٿاڻي تي ٽائون آفيسر ڄامشورو تي 5 ڪيس داخل ٿيڻ باوجود انتظاميه ڪتا مار مھم ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويا آھن ان سلسلي ۾ ڄامشوري واسين اصغر علي بروھي، سراج احمد سنجراڻي، دوست محمد چانڊيو، مير محمد مگسي، ساجد کوسو ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آھي ته ضلعي انتظاميا ۽ ٽائون انتظاميا رڳو ڪرپشن ڪرڻ ۾ پورا آھي، علائقن ۾ ترقياتي ڪم ته ٺھيا صرف رولو ڪتن، مڇرن جو آزار ئي ختم ڪن ته به سٺو ڪم آ پر صرف پنھنجا ڀيٽ برڻ ۾ پورا آھن ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته عوام کي رولو ڪتن، مڇرن جي آزار کان بچايو وڃي ۽ نااھل انتظاميا خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو،