پنگريو )ن پ ا (پنگريو ۾ ٽيڪسي اسٽاپ ڀرسان شهرين پاران ماريل ڇتو گڏهه نه کڻڻ تان ڊرائيورن ۽ شھرين ٽائون انتظاميا خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي دانهيندي عالم چانڊئي، ياسين آرائين، منظور پڃاري ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ڇتو گڏهه ماڻھن ۽ چوپائي مال کي چڪي زخمي ڪري رھيو ھو، جنھن جو پوليس ۽ ٽائون انتظاميا کي اطلاع ڏنو پر ڪوبه تدارڪ نه ٿيڻ تي شھرين پنھنجي مدد پاڻ تحت ڇتي گڏهه کي ماريو آھي. ٻيهر اطلاع ڏيڻ باوجود ٽائون انتظاميا گڏهه کي کڻائي ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ تيار ناهي. 24 ڪلاڪن کان مئل گڏه بدبوءِ ڪري ويو آھي، جنھن ڪري اسٽاپ تي بيھڻ مشڪل بڻجي ويو آھي. ھنن وڌيڪ چيو ته پنگريو پوليس ۽ ٽائون انتظاميا کي ڇتي گڏهه جي موجودگي ۽ 5 ڄڻن کي چڪي زخمي ڪرڻ جو پڻ اطلاع ڏنو ويو هو پر ڪوبه تحرڪ نه ورتو. ھنن مطالبو ڪيو ته شھر مان ڍونڍ کڻائي صفائي سٿرائيءَ جو نظام بهتر بڻايو وڃي.