سيتاروڊ(ن پ ا) سيتاروڊ ۾ ايريگيشن انتظاميا حددخليون هٽائڻ لاء ڪاروائي سخت ڪري ڇڏي آھي. وچ شھر مان نڪرندڙ پيچرڊ ڪينال جي ساڄي ڪپ 20 فوٽ ۽ کاٻي ڪپ 15 فوٽ تقريبن 2 ڪلوميٽر ڊيگھ تائين 2 سئو کان وڌيڪ گهر ڊاهي پٽ ڪرڻ لاء ڪالھ مجهند کانپوء شروع ٿيل ڪارروائي ۾ ساڄي ڪپ هيوي مشنري سان تقريبن 15 گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا آھن. هي ڪاروائي مختيار ڪار بجاء سندس اسٽنٽ ۽ ايريگيشن ايس ڊي او بجاء سندس سب انجنيئر جي اڳواڻي ۾ ٿي. ڪارروائي دوران پوليس نفري جي مدد سان ماڻھن کي گهرن کان ٻاهر ڪڍي عمارتون ڇپرا ڀتون پٽ ڪيا ويا. انهي دوران متاثرين منور سولنگي خادم سولنگي منٺار چوهاڻ ۽ ٻين دانهيو ته اڄوڪي ڪارروائي بنا اطلاع جي ڪئي وئي آھي. هنن چيو ته ڪيترن سالن کان ويٺل آھيون. اڄ بي گهر ٿيڻ بعد در بدر ٿيا آھيون ڪيڏانهن وڃون. هنن دانهيو ته اسانکي بي گهر ڪيو ويو آھي پر ڪوبه چونڊيل نمائيندو سور ٻڌڻ به ناهي پهتو. هنن چونڊيل نمائيندن کي اپيل ڪئي ته وس وارن کان نقصان جو ازالو ڀرائي ڏيڻ ۾ مدد ڪن جئين سندن ويڙها آباد ٿي سگهن.