ڪوٽڙي (رپورٽر) ڄامشوري ضلعي ڏيڍ مهيني کان منشيات فروشن خلاف هلندڙ احتجاجي تحريڪ جاري آهي، ڪوٽڙي ۾ ٻولهاڙي اتحاد جي سڏ تي شهرين پاران ڪوٽڙي ٿاڻي آڏو احتجاجي ڌرڻو هڻي منشيات خلاف احتجاج ڪيو ويو، ٻولهاڙي اتحاد پاران يوسف سارنگ، شمشاد مهڻو، خالد لاشاري ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته ايس ايس پي ڄامشورو منشيات فروشن جي سرپرستي ڪري رهيو آهي تنهن ڪري کيس فوري طور هٽايو وڃي. ڏيڍ مهيني کان سڄي ضلعي ۾ منشيات فروشن خلاف احتجاج ٿي رهيو آهي پر پوليس ڪابه ڪارروائي ڪرڻ لاء تيار ناهي. اڳواڻن پوليس منشيات فروشن خلاف ڪاروايون نه ڪيون ته ڪوٽڙي پل تي ڌرڻو هنيو ويندو. هنن مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي ڄامشورو کي فوري طور هٽائي اهل آفيسر مقرر ڪيو وڃي.