تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي پوليس مقابلي بعد هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب ٿوج شاخ وٽ ايس ايچ او راڻو مهر ٽيم سميت گشت ڪري رهيو هو ته ڏوهه جي ارادي سان بيٺل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو نصر الله عرف نصرو نندواڻي کي زخمي حالت ۾ هڪ ٽي ٽي پسٽل، 9 رائونڊن سان گڏ کيس گرفتار ڪري ورتو آهي، زخمي نوجوان کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.