ڀرياروڊ (ن پ ا) ٽائون ڪاميٽي ڀرياروڊ جو ڪائونسلر زيد ڪيريو ۽ موٽرسائيڪل شوروم مالڪ رميز ڪيريو  نصرت ڪينال لڳ ھٿياربندن اغوا ڪري ويا، اطلاع ملڻ تي مغوين جي وارثن پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس ڪارروائي ڪري ڪائونسلر زيد ڪيريو کي زخمي حالت ۾ بازياب ڪرائي ورتو، جڏهن ته ٻئي مغوي رميز ڪيريو جو ڪو به پتو نه پئجي سگهيو، ٻي طرف زخمي زيد ڪيريو موجب ته اسان کي ھٿياربند اغوا ڪري تشدد جو نشاڻو بڻائيندا رهيا، پوليس مونکي آزاد ڪرايو آهي، هوڏانهن ايس ايچ او ڀرياروڊ منعم لاڙڪ موجب ته زيد ڪيريو کي بازياب ڪرايو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ڪلھوڙا ۽ ڪيريا برادري جي ماڻھن جو پاڻ ۾ ڏيتي ليتي جو مسئلو هلندڙ آهي.