حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ناري ٿاڻي پهتي، زيادتي جي رپورٽ داخل ڪئي وئي، جوابدار گرفتار. پوليس متاثر ناري ”س“ جي فرياد تي واقعي جي رپورٽ داخل ڪري الزام هيٺ آيل جوابدار ڀڳت ڪرنچند کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گلشن خير محمد واري علائقي سان تعلق رکندڙ ناري ”س“ رپورٽ داخل ڪرائيندي الزام هنيو آهي ته جوابدار ساڻس جنسي زيادتي ڪئي آهي، سندس فرياد بعد جوابدار کي تحويل ۾ وٺي ٻنهي ڄڻن کي ميڊيڪل لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جي او آر ٿاڻي جي پوليس موجب ته رپورٽ کين اڄ فراهم ٿيندي جنهن بعد هو واقعي جو ڪيس داخل ڪندا.