ڀان سيدآباد ( ن پ ا ) ڀان سيدآباد ۾ سيوهڻ واسي محمد نواز سيوهاڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي دانيهندي چيو ته سوشل ميڊيا تي سماجي مسئلا اجاگرڪرڻ تان بااثر جوابدارن تشدد جو نشانو بڻائي ڦرلٽ ڪئي، هن چيو ته جوابدار تذليل ڪري ظلم ڪيو آهي، پوليس دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هن مطالبو ڪيوته وٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندس.