ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاھ ۾ پاڻي کوٽ خلاف نيو شيخاڻي مائينر جا سوين آبادگار روڊ تي نڪري آيا، آبادگارن پاران عرس کوسو، اعبداستار۔ماجد ساند، غلام اڪبر لنجواڻي، ميهر ملوکاڻي، گل حسن راجپوت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوآدم روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، سخت نعري بازي، ان موقعي تي آبادگارن دانيهندي چيو ته آپباشي کاتي جي عملدارن پاڻي عيوض رشوت طلب ڪري رهيا آھن ۽ رشوت نه ڏيڻ تي نيو شيخاڻي مائينر تي وارا بندي جو بهانو ڄاڻائي شاخ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آھي، جنهن سبب فصل سڪي تباهه ٿي ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شاخ ۾ پاڻي پهچائي پريشاني ختم ڪئي وڃي، ٻي طرف پوليس ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري انصاف جي خاطري بعد احتجاج ختم ڪرايو.