ملڪاڻي شريف )ن پ ا( آبپاشي سب ڊويزن خيرپورگنمبوه جي جرڪس، ٻنگار شاخن ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل مرچ، ڦٽي ۽ ٻيا فصل پاڻي نه ملڻ ڪري سڪي سڙڻ لڳا. آبپاشي عملدارن وارابندي جو سبب ڄاڻائي شاخن جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو. ڄاڻايل شاخن ۾ غير قانوني وارابنديءَ سبب پاڻيءَ جو بحران پيدا ي ويو. انسان ۽ جانور کڏن کامن جو پاڻي پيئڻ تي مجبور ٿي ويا. ان سلسلي ۾ آبادگارن طارق آرائين، انور راجپوت، فقيرگل، حسن انڙ ۽ ٻين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته آبپاشي سب ڊويزن خيرپورگنمبوه جي راشي عملدارن واربنديءَ جو سبب ڄاڻائي شاخن جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آھي، جنهن ڪري اسان جا پوکيل فصل تباهه ٿي رهيا آھن، فصل تي ڪيل خرچ ضايع ٿي رهيو آھي. هنن مطالبو ڪيو ته آبپاشي سب ڊويزن خيرپورگنمبوه جي شاخن تي وارابندي ختم ڪري مستقل بنيادن تي پاڻي ڏنو وڃي.