ڀان سيدآباد (ن پ ا) ڀان سيدآباد جي شاخن ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف شهري ايڪشن ڪاميٽي پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، شهرين علامہ محمد معشوق مجددي، ڪاڪ محمد لغاري، شوڪت مري جي اڳواڻي ۾ پراڻي بس اسٽاپ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. آبادگارن چيو تہ ڀان سيدآباد جي شاخن ۾ زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري زراعت کي هٿ سان تباهه ڪيو پيو وڃي، ايس ڊي او آبپاشي وجي ڪمار پاڻي چوري ڪرائڻ ۾ ملوث آهي، جنهن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. هنن چيو تہ پير شاخ، دائم برانچ، دل شاخ، ڀان مائينر، اڪتڙ شاخ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ آهي، منڍ جي آبادگارن کي پئسن تي پاڻي کپايو پيو وڃي، هنن چيو تہ زرعي پاڻي جي بحران سبب زمينون بنجر بڻجي ويون آهن، وياج تي ٻج، دوا ۽ ڀاڻ خريد ڪري زمينن ۾ وڌوسين پر پاڻي نه هجڻ سبب فصل سخت متاثر ٿي رهيو آهي، آبادگارن کي لکين روپيا نقصان پهچي رهيو آهي، آبادگار بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن پر افسوس ته آبپاشي عملدارن جي ڪنن تي جوء بہ نہ ٿي چري، جيڪا غريب آبادگارن سان وڏي ناانصافي آهي، هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه کان مطالبو ڪيو تہ ڀان سيدآباد جي شاخن ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ جو نوٽيس وٺي شاخن کي پاڻي فراهم ڪري آبادگارن کي فاقاڪشي کان بچايو وڃي.