ڀان سيدآباد ڀرسان ارڙي وگهي 5 ٻارڙا فوت، صحت کاتو ننڊ ستل

0
178
ڀان سيدآباد ڀرسان ارڙي

ڀان سيدآباد (ن پ ا) ڀان سيدآباد ڀرسان منڇر ڍنڍ جي ڪنڌي تي قائم ڳوٺ خان محمد ملاح ۾ ارڙي وبائي صورت اختيار ڪري وئي ۽ هڪ ئي ڏينهن ۾ ارڙي وگهي 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا

فوت ٿي ويل ٻارڙن ۾ 2 سڳا ڀائر محمد ملاح ۽ غلام حسين ملاح شامل آهن، ٻين ٻارڙن ۾ وسيم ملاح، سندس ڀيڻ انواهه ملاح ۽ بيگمان ڌي انور ملاح به شامل آهن

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته هڪ هفتي دوران ارڙي وگهي 15 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا، محمد پٽ سلطان، مريم ڌي راشد ملاح، چلڪڻي ڌي انور ملاح به ارڙي وگهي فوت ٿيا

ڳوٺاڻن صحت کاتي جي نااهلي خلاف احتجاج ڪندي وڏي وزير کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته ارڙي وبائي صورت اختيار ڪري وئي آهي پر صحت کاتو ڄامشورو خاموش آهي

هنن چيو ته منڇر ڍنڍ تي صحت جون سهولتون ناهن جنهن جي ڪري ٻارڙن کي اسپتال پهچائڻ ۾ دير ٿي ۽ ٻارڙا فوت ٿي ويا، غربت سبب ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ پريشان آهيون ته ٻارڙن جو علاج ڪٿان ڪرايون، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه نوٽيس وٺي ڳوٺاڻن جي مدد ڪري ۽ علاج جون سهولتون فراهم ڪري

ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقي ۾ ارڙي جي وبا بي قابو ٿي وئي

ٻئي پاسي خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ڪمزور ٻارڙا  ارڙي جي لپيٽ ۾ چي ويا، وڌيڪ 20 ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا هجڻ کانپوءِ انگ تيزي سان وڌڻ لڳو ۽ هڪ هفتي ۾ ارڙي جي شڪار ٻارن جو انگ 40 تائين پهچي ويو

ڳوٺ ڪيتار،ڳوٺ تراحمد، مانٻائي جو تڙ سميت ڪيترن ڳوٺن ۾ ڏڪاري حالتن جا ستايل ماروئڙا پنهنجي معصوم ٻارڙن جو علاج ڪرائڻ لاءِ سخت پريشان آهن

تعلقه اسپتال ۽ خانگي اسپتالون بيمار ٻارڙن ۾ ڀرجي ويون، صحت کاتي ٿرپارڪر پاران ارڙي کان بچاءَ وارا لڳايل ويڪسين به اثر نه ڏيکاريو

ٿر جي ڳوٺن ۾ خوراڪ جي کوٽ جي شڪار ڪمزور ٻارڙن ۾ رهي سهي ڪثر ارڙي پوري ڪرڻ لڳي، اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ ڊسپينسري ۾ مقرر ڊاڪٽر غير حاضر هجڻ باوجود صحت کاتي ڪوبه نوٽيس نه ورتو