سکر (بيورو رپورٽ) شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، الزام هيٺ هڪ ڄڻو گرفتار، ايف آءِ آر داخل، عدالت گرفتار جوابدار کي جيل اماڻي ڇڏيو. شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي شاگردياڻي ماهه نور ڌيءَ حبيب الله پٺاڻ کي اغوا جي ڪوشش جي الزام هيٺ گرفتار اسدالله سومرو کي پوليس فرسٽ سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت جوابدار کي عدالتي رمانڊ تي سينٽرل جيل خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته گذريل ڏينهن اسدالله سومرو شاگردياڻي کي مبينا اغوا جي ڪوشش ڪئي،  موقعي تي موجود گارڊ کيس بچائي ورتو ۽ ڄاڻايل شخص کي سوگهو ڪري شاهه لطيف پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. واقعي بعد شاگردياڻي يونيورسٽي انتظاميا کي جوابدار خلاف قانوني ڪارروائي جي درخواست ڏني هئي، جنهن بعد يونيورسٽي جي گارڊ نفيس سومرو جي فرياد تي جوابدار خلاف شاهه لطيف ٿاڻي تي شاگردياڻي کي اغوا جي ڪوشش جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.