سڳيون (ن پ ا) سکر پوليس سينٽر تان واپسيءَ تي سول ڊريس پهريل ويگو گاڏي سوارن هٿان کنڀي گم ڪيل سڳيون واسي نوجوان سجاد مڱڻيجو6 مهينن بعد بازياب ٿي گهر پهچي ويو، وارثن ۾ خوشي جي لھر  ڇانئجي  وئي. بازياب ٿيل نوجوان جي ڀاءُ امتياز مڱڻيجو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ان سلسلي ۾ ٻڌايو ته منهنجي ڀاءُ کي 6 مهينا پهرين نامعلوم ماڻهو سکر کان واپس ايندي ويگو گاڏيءَ ۾ کنڀي کڻي ويا هئا. نوجوان سجاد مڱڻيجو جي بازيابيءَ لاءِ لڳاتار احتجاج ڪندا رهياسين. سنڌي ميڊيا خاص ڪري ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنهنجي اخبار ڀرپور ڪوريج ڏئي اسان غريبن جو آواز بلند ڪيو، نتيجي ۾، ڪي نامعلوم ماڻھو سجاد کي سھراب ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ ڇڏي ويا، جتان اطلاع ملڻ تي کيس گهر وٺي آياسين.