نئين دهلي (م ڊ) ڀارت ۾ ڪورونا ڪيس جو وري نئون رڪارڊ، وڌيڪ 4 لک 14 هزار ماڻهو وبا جو شڪار ٿي ويا، تقريبن 4 هزار ماڻهو زندگي جي جنگ هارائي ويا، هڪ هفتي دوران ڀارت ۾ 16 لک ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿيا، نيپال ۾ به وڏي تباهي جو خدشو آهي، روزانو ظاهر ٿيندڙ ڪيسن جي شرح 47 سيڪڙو ٿي وئي.