ڪوئيٽا (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال جو مامو خان آف قلات مير سليمان دائود جان جو سهرو پرنس محي الدين لاڏاڻو ڪري ويو، خانداني ذريعن ٻڌايو ته پرنس محي الدين ڪافي عرصي کان گردن جي مرض ۾ مبتلا هو، جيڪو ڪراچي جي اسپتال ۾ وفات ڪري ويو، ذريعن موجب پرنس محي الدين جي تدفين قلات جي شاهي قبرستان ۾ ڪئي وئي. پرنس محي الدين بلوچ رابطا اتفاق تحريڪ جو چيئرمين به هو.