ڀارت جو حساب برابر ڪرڻ بعد نيوزيلينڊ کي شڪست ڏيڻ جو هدف: شاهين اڄ نيوزيلينڊ خلاف ميدان تي لهندا

0
213

ڪراچي(رپورٽ: صدام حسين ڪولاچي) ڀارت خلاف تاريخي ڪاميابي حاصل ڪندڙ پاڪستاني ٽيم جو اڳيون هدف پاڪستان جو دورو اڌ ۾ ڇڏي ڏيهه واپس ويل نيوزيلينڊ ٽيم آهي. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ميچ اڄ شام ستين وڳي شارجه ۾ کيڏي ويندي. واضح رهي ته 17 سيپٽمبر 2021ع تي نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ سيڪيورٽي خدشن کي جواز ڄاڻائي پاڪستان جو دورو اوچتو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز ملتوي ٿي وئي هئي.

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ 3 ون ڊي ۽ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچز لاهور ۾ ٿيڻيون هيون. پاڪستاني ٽيم جي مداحن جي خواهش آهي ته پاڪستان ڀارت جيان نيوزيلينڊ کي به شڪست ڏئي. خيال رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ ۾ روايتي حريف ڀارت کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏني.  سپر 12 ۾ هر ٽيم 5 ميچز کيڏندي ۽ ٽاپ 4 ٽيمون سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون.