افغانستان هٿان اسڪاٽ لينڊ کي 130 رنز تان شڪست

0
227
افغانستان هٿان اسڪاٽ لينڊ کي

شارجا(اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي جي اهم ميچ ۾ افغانستان اسڪاٽ لينڊ کي 130 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. شارجه ۾ کيڏيل ميچ ۾ افغانستان پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ 190 رنز ٺاهي اسڪاٽ لينڊ کي 191 رنز جو هدف ڏنو. نجيب الله زاردان شاندار بيٽنگ ڪندي 59 رنز جي اننگز کيڏي، جڏهن ته رحمان الله 46 ۽ حضرت الله ززئي 44 رنز ٺاهي نمايان رهيا. جواب ۾ اسڪاٽ لينڊ جي سموري ٽيم رڳو 60 رنز تي ڍير ٿي وئي. واضح رهي ته افغانستان جو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪور آهي، ان کان اڳ 2016ع جي ٽي ٽونئٽي ورلڊ ڪپ ۾ افغانستان زمبابوي خلاف 6 وڪيٽن تي 186 رنز اسڪور ڪيو هو.