ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر جي ڳوٺ ڪاسبو واسي نوجوان کي ڀارتي جيل پوليس تشدد ڪري ماري ڇڏيو. لاش اڄ رات واگها بارڊر ذريعي پاڪستان پهچايو ويندو. جڏهن ته لاش بابت مائٽن کي گهرو وزارت اطلاع ڏنو آهي. فوتي نوجوان تڳجي جي والد جو راوتو ميگهواڙ ٻڌايو ته غريب هاري آهيان، لاهور 4 ڏينهن جو سفر آهي ڪرايو ڀاڙو نه هئڻ ڪري لاش ڪيئن وصول ڪريان؟ ٻڌايو پيو وڃي ته ننگرپارڪر جي ڳوٺ ڪاسبو جو 24 سالن جو تگجي ميگهواڙ ٻه سال اڳ موسٰي شاهه درگاه ڳوٺ سوراچند وٽان بارڊر ڪراس انڊيا هليو ويو هو جتي جئي پور جي جيل ۾ قيد هو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او عبدالرشيد مڱرئي ٻڌايو ته نوجوان جي لاش بابت اطلاع مليو آهي، نوجوان جي مائٽن ۽ ميگهواڙ پنچائت وارن کي آگاهي ڏني آهي. لاش اڄ رات واگها بارڊر پهچايو ويندو . ميگهواڙ پنچائت جي صدر ڏيوجي ميگهواڙ جو چوڻ آهي ته نوجوان جا مائٽ غريب آهن، حڪومت لاش ڪاسبو تائين پهچائڻ ۾ مدد ڪري.