لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) نئين ديري ڀرسان 2 عورتن ساهرن ۽ گهروارن سان ناراض ٿي مبينا زهريلي دوا پي ڇڏي، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل. خبر موجب ڳوٺ سعيدو ديرو ۾ ساهرن کان ناراض ٿي ٻن شادي شده عورتن شائسته ۽ زينت ابڙو زهريلي دوا پي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جن کي سندن وارثن بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي عورتن جي وارثن ٻڌايو ته شائسته ۽ زينت ابڙو ساهرن کان ناراض ٿي زهر يلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي.