ڪنب (ن پ ا) ڪنب ٿاڻي جي حد ڳوٺ دودو پلهه واسي ٻن نينگرن 12سال جي محبوب پلهه ولد حاجي سلطان ۽ 11سال جي زاهد ولد حاجي خان پلهه ڪنب ٿاڻي آڏو ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته شاهنواز واهه تان وهنجڻ بعد واپس ڳوٺ وڃي رهيا هئاسين ته رستي تي ايس ايچ او وزير راڄڙ جي پٽ وسيم راڄڙ ۽ ان سان گڏ ٻيا چار پنج ڄڻا گڏ هئا، انهن زبردستي کنڀي جوئر جي فصل ۾ کڻي وڃي بدفعلي جي ڪوشش ڪئي، رڙين تي جوابدار ڇڏي فرار ٿي ويا، واقعي جي اين سي ڪنب ٿاڻي تي داخل ڪئي ويئي آھي.