ٿرڪول بلاڪ ٽُو انتظاميا جَي تشدد ۾ مارجي ويل پورهيت جَي قتل جو ڪيس داخل

0
445

مٺي (ن پ ا) ٿرڪول بلاڪ ٽُو انتظاميا جَي تشدد ۾ مارجي ويل پورهيت جَي قتل جو ڪيس داخل، سڪيورٽي انچارج ڪاشف، گارڊرز قمر، حذيفه ملڪ ۽ هڪ اڻڄاتل شخص جوابدار طور نامزد، پورهيت جَي وارثن ٿرڪول بلاڪ ٽو جَي مُک گيٽ آڏو 20ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو، فوتي پورهيت جَي وراثن جو الزام آهي ته ٿرڪول بلاڪ ٽو جِي انتظاميا چوري جَي الزام ۾ دودو ڀيل، مورُو ڀيل ۽ غلام قادر کوکر کي 10 ڏينهن تائين وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن سبب دودو ڀيل فوت ٿي ويو ھو.