سماجي اڳواڻ سينگار نوناري جي گمشدگي: گھرو وزارت ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري

0
237

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سماجي اڳواڻ سينگار نوناري جِي گمشدگي خلاف وفاقي گهرو وزارت، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، 13 جولاءِ تائين جواب طلب، سينگار نوناري جي گهر واري فوزيه نوناري عدالت کي ٻڌايو ته سندس مڙس 26 جون کان گم آهي، جيڪڏهن مٿس ڪو ڪيس آهي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.