ٿريٽ جا تفصيل شيئر نٿا ڪري سگهون: نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ

0
307

ڪراچي(م ڊ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊيوڊ وائٽ چيو آهي ته کيس پورو اطمينان هو ان ڪري ٽيم پاڪستان موڪلي هئي.

هن چيو ته سڀ ڪجهه جمعي واري ڏينهن تي بدلجي ويو، ايڊوائرزي تبديل ٿي ۽ صورتحال بدلجي وئي، ٿريٽ ليول بدلي، ان ڪري دورو منسوخ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

ڊيوٽ وائٽ جو چوڻ آهي ته هن کي جيڪا ايڊوائزري ملي هئي ان کانپوءِِ ٻيو ڪو به آپشن نه هو، حڪومت سان ٿريٽ ليول جي ايڊوائزري ملي هئي.

سي او جي موجب آزاد ذريعن کان به ايڊوائزري جي حمايت حاصل هئي، ٿريٽ جي بنيادي نوعيت پاڪسان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) کي ٻڌايو هو پر ان جي تفصيل شيئر نٿي ڪري سگهجي، حڪومت سان تفصيلي مشاورت کانپوءِ ئي دورو ختم ڪيو ويو آهي.

ڪي وي ٽيم دعوي ڪئي آهي ته پنج ملڪي انٽيليجنس اتحاد نيوزيلينڊ جي ٽيم کي دورو ختم ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو، اتحاد ۾ امريڪا، برطانيا، ڪينيڊا، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ شامل آهن، نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان جي حڪومت ۽ بورڊز ۾ 12 ڪلاڪن تائين ڳالهيون ٿيون، جنهن بعد دورو ختم ڪيو ويو.