کپرو ويجهو نوجوان جو گهر مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ

0
199

کپرو(ن پ ا) کپرو ڀرسان ڳوٺ هڏا موري ۾  19ورهين جي دولت رام پٽ ڀڳت نٿو رام مبينا طور پاڻ کي ڦاهو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو.

واقعي جي اطلاع تي پوليس جو  ڳوٺ هڏا موري ۾ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان گهرو اڻبڻت تي ڪاوڙجي ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آهي، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي واقعي بابت جاچ ڪري رهيا آهيون