اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف زرداري ڪراچي جي ننڍي چونڊ ۾ پ پ اميدوار جي ڪاميابي تي ڪراچي جي شهرين ۽ جيالن کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته عبدالقادر مندوخيل جي ڪاميابي پيپلزپارٽي تي عوام جو اعتماد آهي، چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر عبدالقادر مندوخيل عوام جي خدمت تي ڀرپور ڌيان ڏئي، پيپلزپارٽي جا عهديدار ۽ ڪارڪن سڄي ملڪ ۾ ايندڙ چونڊن جي تياري شروع ڪري ڇڏين. مزدورن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان آصف زرداري چيو تهموجوده سليڪٽيڊ حڪومت محنت ڪشن جا حق غصب ڪري رهي آهي، پاڪستان اسٽيل ملز، پي آءِ اي، ريلوي سميت سرڪاري صنعتن ۾ ڪم ڪندڙ محنت ڪش پنهنجي نوڪرين کي خطري ۾ ڏسي رهيا آهن، پيپلز پارٽي محنت ڪشن جي حقن جو تحفظ ڪندي رهندي.