اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي خصوصي معاون شهباز گل اين اي 249 ڪراچي ۾ ٿيل ننڍي چونڊ ۾ ووٽرن جو گهٽ ٽرن آئوٽ سامهون اچڻ واري مامري کي جمهوريت لاءِ افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته ننڍي چونڊ جا نتيجا افسوسناڪ آهن، هن چيو ته ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر آهي جتي جمهوريت ۽ جمهوري تحريڪون سڀ کان پهريان ڪر کڻنديون آهن، ان شهر ۾ ٿيل ننڍي چونڊ دوران ٽرن آئوٽ ايترو گهٽ ٿيڻ حيرت انگيز آهي، هن چيو ته 10 سيڪڙو کان گهٽ ٽرن آئوٽ تي چونڊ ڪالعدم ٿي ويندي آهي، هن چيو ته مخالف ڌر کي ٻيهر چونڊ سڌارن لاءِ ڳالهين جي دعوت ڏيون ٿا. هن چيو ته بشير ميمڻ جي الزامن ۾ ڪا صداقت ناهي، بشير ميمڻ تفصيل ڏئي ته ان جي پٽ وٽ فلور مل ۽ گيهه مل ڪٿان آئي؟