اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پيپلز پارٽي قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ لاءِ جهڙي نموني نظام کي يرغمال بڻايو، انهي سان چونڊ سڌارن جي ضرورت جو احساس پهريان کان به وڌيڪ شدت سان محسوس ٿئي ٿو، هڪ ڀيرو وري مخالف ڌر کي چوان ٿو ته وزيراعظم عمران خان جي تجويز تي غور ڪن، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪراچي ۾ ٿيل ننڍي چونڊ ۾ ووٽنگ جي شرح مان اندازو ٿئي ٿو ته عوام جو چونڊ عمل تان اعتبار ختم ٿي رهيو آهي.