سکر (بيورو رپورٽ) خورشيد احمد شاهه جي ڀائيٽي ۽ تعليمي بورڊ سکر جي چيئرمين غلام مجتبيٰ شاهه جي وڏي پٽ سيد غلام مرتضيٰ شاهه جي جنازي نماز منزل گاهه گرائونڊ ۾ ادا ڪرڻ بعد سوين آلين اکين سان کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي. ڀائيٽي جي وفات تي سنڌ حڪومت جي گھرو کاتي جي اجازت سان سيد خورشيد احمد شاهه ۽ سندس گرفتار پٽ ايم پي اي سيد فرخ شاهه 48 ڪلاڪن جي پي رول تي آزاد ٿي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نماز ۾ صوبائي وزير اويس قادر شاهه، پ پ اڳواڻن توڙي تعليمي بورڊ ايسوسئيشن سنڌ جي وائيس چيئرمين غلام مصطفيٰ پيرزادو سميت مختلف سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ياد رهي ته سيد خورشيد احمد شاهه جو ڀائيٽيو غلام مرتضيٰ شاهه بيماري سبب گذريل ڏينهن ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو هو.