دادو (رپورٽر) دادو جي رهواسڻ نوجوان ناري امبر پيء شهزور سولنگي ۽ ڀاء سليم سميت تحفظ لاء فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج دادو نديم بدر قاضي جي عدالت ۾ سيڪشن 22 ، اي بي تحت تحفظ لاء درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ امبر سولنگي ڄاڻايو آهي ته هوء ننڍ پڻ کان پنهنجي ماسي صغران سان گڏ رهندي آهي جنهن پٽ عاطف سان سندس مڱڻو ٿيل آهي پر مامن شاھ محمد ۽ منور منهنجي گهر ڪئي منهنجي انڪار تي هنن مون تي منهنجي ماسي ۽ ماساتن تي حملو ڪري تشدد ڪيو ۽ ڪار کي نقصان رسايو ۽ قتل ۽ اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن، عدالت ۾ امبر جي اهڙي درخواست تي ٻڌڻي دوران امبر جي ناني اڳوڻي عورت ڪائونسلر سوني سولنگي عدالت ۾ دانهيو آهي ته صغران بدڪار آهي مٿس 20 کان وڌيڪ جسم فروشي جون ايف آء آر داخل ٿيل آهن، حيدرآباد ، ڄامشورو ، نوابشاھ ، دادو ۽ ٻين ضلعن ۾ ڇوڪريون سپلاء ڪندي آهي جنهن سندس معصوم ڏوهٽي امبر کي ڊيڄاري ڌمڪائي اسان جي خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي ، عدالت امبر ، سندس پيء شهزور ۽ ڀاء سليم جي بيانن کانپوء امبر کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاء ايس ايس پي دادو کي حڪم جاري ڪرڻ سان گڏ عدالت دادو پوليس کي حڪم جاري ڪيو آهي ته صغران سولنگي خلاف 3 ڏينهن جاچ ڪري رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي ڇا صغران سولنگي فحاشي اڏا هلائڻ ۾ ملوث آهي يا نه يا سندس خلاف فحاشي ڦهلائڻ ڪيس داخل آهن يا نه ، عدالت جي اهڙي حڪم کانپوء بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جاچ شروع ڪري ڏني آهي. هوڏانهن امبر سولنگي جي مامي شاھ محمد سولنگي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته سندس ڀيڻ صغران فحاشي جا اڏا هلائيندي آهي. ڇوڪرين جي معاملن تان مختلف ماڻهن سان دشمنيون آهن کيس قتل ٻيو ڪير ڪندو پر الزام اسان تي ايندو. صغران جي ماء اڳوڻي عورت ڪائونسلر سوني سولنگي دانهيو آهي ته بدڪاري جا ڌنڌا ڪرڻ کان منع ڪرڻ تي منهنجي پٽن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي ڪيترائي ڀيرا گرفتار ڪرايو. گھر تي ڇاپن دوران ڇوڪريون گرفتار ڪيون ۽ سندس خلاف اهڙا 20 ، وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن، ان ڪري اسان کي خدشا آهن ته هوء امبر کان ڪٿي جسم فروشي جو ڌنڌو نه ڪرائي ، ان ڪري اسان امبر جي گهر ڪئي ڇو ته امبر جي ماء ۽ سندس 8 ، ٻار اسان سان گڏ رهن ٿا. ٻئي پاسي 14 سالن جي امبر سولنگي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ننڍ پڻ کان کيس ماسي صغران پاليو سندس عاطف سان مڱڻو ٿيل آهي جنهن سان محبت ڪيان ٿي ، پيء ۽ ڀاء مونسان گڏ آهن ، مامن ۽ نانيء تشدد ڪري سندن ڪار کي نقصان رسايو ۽ کيس اغوا ڪرڻ ۽ ماسي کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن تحفظ ڏنو وڃي.