پ پ اڳواڻ بليڪ ميل ڪن ٿا، ڊاڪٽر ڊيوٽي نٿو ڪري، اسپتال ۾ ڪا به سهولت ناهي: ايم ايس جو خط

0
697

لاڙڪاڻو(ن پ ا) شھيدن جي شھر نئون ديرو جي اسپتال جا حال پورا، ايم ايس سيڪريٽري کي خط لکي ڇڏيو، پ پ اڳواڻ تي بليڪ ميل ڪرڻ ۽ پيٽرول گھرڻ جا به الزام، ميڊيڪل سپريٽيڊنٽنٽ نئون ديرو اسپتال پاران سيڪريٽري ھيلٿ کي لکيل خط ٽائيم نيوز ھيٿ ڪري ورتو، ايم ايس سيڪريٽري ھيلٿ کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جو جنرل سيڪريٽري اعجاز لغاري ۽ ڪلارڪ نثار بليڪ ميل ڪري رھيا آهن ته اعجاز لغاري جي بنگلي جي جنريٽر لاءِ فيڪ بل پاس ڪر، خط م چيو ويو آهي هت اسپتال ۾ آءِ ايڇ ايس جي 64 ملازمن جي ٽرمينيٽ ٿيڻ بعد عملو ناھي، دوائن، آڪسيجن سميت ٻين سھولتن جي سخت کوٽ آهي، ايم ايس خط ۾ لکيو ته ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو ۽ ڊي جي حيدرآباد کي به شڪايتون ڪيون آهن، ھڪ ڊاڪٽر غظنفر آهي جيڪو ڊيوٽي نٿو ڪري، مھرباني ڪري ايڪشن وٺو، ٻي صورت ۾ سڀاڻي اسپتال بند ڪندس.