سانگهڙ (رپورٽر) پنهنجي اخبار ورڪشاپ جي عيوضي غلام قادر شر تي ٿيل قاتلاڻي حملي واري ڪيس جي اي ايس پي ٽنڊو آدم اياز جتوئي انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آهي، ان ڏس ۾ اي ايس پي ڪيس جي فريادي ۽ جوابدارن کان ڌار ڌار بيان رڪارڊ ڪيا ۽ داخل ڪيل ايف آءِ آر جو جائزو ورتو، بعد ۾ هن پريس ڪلب سانگهڙ پهچي صحافين سان گڏجاڻي ڪئي، ان موقعي تي تي صحافين کيس ٻڌايو ته منگلي پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي جيڪا کين سموريون سهولتون فراهم پئي ڪري، جنهن تي اي ايس پي صحافين کي يقين ڏياريو ته اوهان سان انصاف ٿيندو، هن چيو ته مون ڪيس ڏٺو آهي فريادي کان معلومات حاصل ڪئي آهي، جوبدارن کان پڇا ڳاڇا ڪئي آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته صحافي غلام قادر شر سان وڏو ظلم ٿيو آهي، ھاڻي ڪيس جي جاچ مون وٽ آهي، ڪير ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي ان کي معاف نه ڪيو ويندو، هن جو چوڻ هو ته ايمانداري ۽ سچائي سان انڪوائري ٿيندي، ميڊيڪل رپورٽ بعد ڪيس جو ٻيھر جائزو ورتو ويندو. ھوڏانھن پاڪستان فيڊرل يونين آف جنرلسٽ جا اڳواڻ خالد کوکر ۽ لالا رحمان سمون پڻ پريس ڪلب سانگهڙ پھتا، جتي هنن صحافين سان ملاقات ڪري صورتحال معلوم ڪئي، ان موقعي تي ھنن چيو ته صحافي غلام قادر شر سان گڏ آهيون، جيسيتائين بااثر وڏيري جي پٽن کي سزا نه ٿي ملي تيستائين خاموش نه ويھنداسين، ھنن چيو ته محرم بعد سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو سڏ ڏنو ويندو جنهن بعد ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبليءَ آڏو ڌرڻو هنيو ويندو. ھنن گهر ڪئي ته زخمي صحافي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي.