ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) تحريڪ انصاف ملير واري قومي تڪ اين اي 237 جي چونڊ نتيجن ۽ پ پ اميدوار عبدالحڪيم بلوچ جي ڪاميابيءَ کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ اڳواڻن علي زيدي ۽ عمران اسماعيل ايڊووڪيٽ شهاب امام ذريعي داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ملير ۾ بدترين ڌانڌلي  ڪئي وئي آهي، پ پ ڪارڪنن جعلي ووٽ ڪاسٽ ڪيا، اسان اليڪشن ڪميشن کي تڪ ۾ ڌانڌلين جون شڪايتون ڪيون آهن، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدالت پاران ڌانڌلي ۽ ٻين شڪايتن جي شفاف انڪوائري جو حڪم ڏنو وڃي، درخواست ۾ وفاقي حڪومت، سنڌ سرڪار، اليڪشن ڪميشن ۽ حڪيم بلوچ کي ڌر بڻايو ويو آهي، ٻئي طرف عدالت ٻاهران پي ٽي آءِ اڳواڻن علي زيدي ۽ عمران اسماعيل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن کان اڳ 7 آڪٽوبر تي اسان جي ڪارڪن کي گوليون ھنيون ويون، جيڪو گذريل رات فوت ٿي ويو، ھتي امن امان جي صورتحال خراب آهي،هنن چيو ته ملير ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي، ھڪ پولنگ اسٽيشن تي ڌانڌلي جي شڪايت تي ايم پي اي بلال غفار پھتو ته اتي موجود سلمان مراد، ايم پي اي سليم بلوچ  ۽ ٻين حملو ڪري سندس نڪ جي ھڏي  ڀڃي ڇڏي، پوليس سليم بلوچ ۽ سلمان مراد خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اسان تي وري دهشتگرديءَ جو ڪيس داخل ڪيو ويو، هنن چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن کي بي ضابطگين تي خط لکي ڇڏيو آهي، اسان مطالبو ٿا ڪريون ته ملير تڪ تي ٻيهر اليڪشن ڪرائي ايس ا يس پي عرفان بهادر کي معطل ڪيو وڃي